اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پا??ست??ن چيو آهي ته غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو تازو فيصلو افغان پناهگيرن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ ناهي ڪيو ويو پر اهو انهن سمورن غيرملڪين جي خلاف آهي ??ن وٽ ويزا دستا??يز نه آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پا??ست??ن ۾ افغان پناهگيرن جي حوالي سان قومي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي ٿي ۽ انهن جي محفوظ واپسي هڪ جدا مسئلو آهي. ترجمان چيو ته جاري آپريشن انهن ماڻهن جي خلاف آهي جن يا ته پنهنجي ويزا کان وڌيڪ قيام ڪيو آهي يا انهن وٽ قيام جي لاءِ صحيح دستا??يز نه آهن. هن واضح ڪيو ته ان آپريشن جو انهن افغان پناهگيرن سان ڪو تعلق نه آهي جن جي پا??ست??ن معاشي مجبورين جي باوجود ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ميزباني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپار جاري آهي جڏهن ته هن ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته پا??ست??ن ٽرانزٽ ٽريڊ جي سهولتن جي غلط استعمال کي قبول نه ڪندو. هن چيو ته پا??ست??ن واضح طور تي افغانستان کان خطرن بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته اسان سفارتڪاري تي يقين رکون ٿا ۽ افغان عملدارن سان ڳا??هه ٻو??هه جاري رکنداسين ته جيئن ان ڳا??هه کي يقيني بڻائي سگهجي ته افغان سرزمين دهشتگردي کي هوا ڏيڻ جي لاءِ استعمال نه ٿئي. ترجمان چيو ته پا??ست??ن ڀارتي عملدارن سان رابطي ۾ آهي ۽ انهن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي پا??ست??ني صحافين ۽ تماشائين کي ويزا جاري ڪن جيڪي ڀارت ۾ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڏسڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اها ميزبان ملڪ جي ذميواري آهي ته اهو پا??ست??ن ڪرڪيٽ ٽيم کي سيڪيورٽي ۽ سازگار ماحول فراهم ڪري. ترجمان ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته راندين کي سياست کان سان ڳنڍڻ نه گهرجي. هن چيو ته پا??ست??ني ٽيم ٻطرفي ڪرڪيٽ سيريز جي لاءِ ڀارت جو دورو نه ڪري رهي آهي ۽ ان کي عالمي سيريز ۾ شرڪت جو پورو حق حاصل آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته پرڏيهي وزارت کي اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ عالمي مبصرن کي گهرائڻ جو باضابطا پيغام مليو آهي. هن چيو ته ان عمل کي پاليسي ۽ ماضي جي طرزعمل موجب آسان بڻايو ويندو.
غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو تازو فيصلو افغان پناهگيرن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ ناهي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال