اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان پاڪستان جي پهرين خلاباز عورت نميره سليم ملاقات ڪئي ۽ کيس 5 آڪٽوبر تي پنهنجي خلائي س??ر تي روانگي بابت تيارين کان آگاهه ڪيو. نميره سليم خلا ۾ پاڪستاني جهنڊو بلند ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نميره سليم کي خلائي سفر شروع ڪرڻ تي حڪومت پاڪستان، نگران وزيراعظم ۽ عوام پاران مبارڪباد ڏني ۽ سندس ڪامياب?? جي لاءِ نيڪ خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نميره سليم سمورين ع??رتن جي لاءِ رول ماڊل آهي، سندس تحقيق بابت خلائي سفر ۾ پاڪستان جي وڌندڙ موجودگ?? جي علامت آهي، جيڪا قوم جي لاءِ اهم ڪاميابي آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نميره سليم به ان ڪوشش سان پاڪستان جو امن پسند ۽ ترقي پسند ملڪ جي حيثيت سان مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوان نسل زندگ?? جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري سگهي ٿي. واضح رهي ته نميره سليم پهرين پاڪستاني عورت آهي جنهن کي قطبن تي پهچڻ جو اعزاز به حاصل آهي. نميره سليم 21 اپريل 2007ع تي اتر قطب ۽ 8 جنوري 2008ع تي ڏکڻ قطب ۾ پاڪستان جو جهنڊو لهرائي چڪي آهي جڏهن ته ايندڙ مهيني هوءَ خلائي س??ر تي رواني ٿي رهي آهي.
اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان پاڪستان جي پهرين خلاباز عورت نميره سليم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن