اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت مخ??صر مدي جي لاءِ آئي آهي، بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ آهي، حڪومتي نظام ۾ ??ڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، قائدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزي جي صورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته آئين تحت نگران حڪومت مخ??صر مدي جي لاءِ آئي آهي، ان جي بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ ۽ نگراني ڪرڻ آهي ۽ اها آئيني گهرج آهي، نگران حڪومت وٽ رو??اني جي حڪومتي معاملن جي نگراني جو اختيار آهي، اسان حڪومتي نظام ۾ ??ڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، معمول جي پاليسين تي عمل پيرا رهنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي پاليسين کي جاري رکنداسين، قاعدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزين جي صورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آهي. قومي اسي??بل?? آئيني مدو مڪمل ڪري تحليل ٿي چڪي آهي، چونڊون اڃا ٿيڻيون آهن، پارليامينٽ جو ايوان ڪم ڪري رهيو آهي، جيستائين قومي اسي??بل?? جو ايوان نه ٿو اچي ته قانونسازي نٿي ٿي سگهي، سڀني وزيرن کي پنهنجي وزارتن پاران بريفنگ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، ايندڙ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا جو فيصلو بريفنگ جي بنياد تي ڪيو ويندو.
نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل