اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت جي ڪا به سياسي ايجنڊا يا سياسي مينڊيٽ ناهي، قانون و??ري وزارت جي وضاحت کانپوءِ صدر ??مل??ت جي ٽوئيٽ سبب پيدا ٿيل ابهام ختم ٿي ويو آهي، صدر ??مل??ت رياست جو سربراهه آهي سندس عهدو مان جو گهرج??ئو آهي، ڪو توقع نه ڪري ته اسان صدر جي مان خلاف ڳالهائينداسين، قانوني ۽ آئيني ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نگران حڪومت آئين اندر رهندي جواب ڏيندي، ابهام ختم ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت جي ڪوشش کي سياسي رنگ نٿو ڏئي سگهجي. اهڙو اظهار هن قانون و??ري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي به موجود هو. سڌ سماءَ و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته صدر ??مل??ت عارف علوي پنهنجي ذاتي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان پارليامينٽ طرف ٻن بلن بابت ٽوئيٽ ڪيو جنهن سبب ابهام و??ري صورتحال پيدا ٿي پر ڪنهن به قسم جي ڪا ڀونچال نه آئي، صورتحال واضح آهي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته قانوني نڪتن جي وضاحت ڪئي وڃي، قانون و??ري وزارت صدر جي ٽوئيٽ جي حوالي سان وضاحت ج??ري ڪئي جنهن کانپوءِ ابهام ختم ٿي چڪو آهي، صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي سڌ سماءَ و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته صدر ??مل??ت جي آئيني عهدي تي رهڻ جي خواهش يا منشا جي خبر ناهي، صدر ??مل??ت رياست جو سربراهه آهي ان لاءِ تمام گهڻي عزت آهي ڪو به توقع نه ڪري ته اسان صدر جي تعظيم خلاف ڳالهائينداسين، مرتضيٰ سولنگي چيو ته ابهام ختم ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت جي ڪوششن کي سياسي رنگ نٿو ڏئي سگهجي، هن چيو ته ملڪ ۾ قانون ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ادارا موجود آهن، شهرين جي حقن جي فراهمي ۽ آئ??ن ۽ قانون جي بالادستي لاءِ پورو نظام موجود آهي، هڪ سوال تي هن چيو ته مفروضن تي نه پر حقيقت تي ٻڌل ڳالهه ڪنداسين. صدر جي ٽوئيٽ سبب پيدا ٿيل صورتحال جي وضاحت ٿي چڪي آهي، قانون و??ري وزارت ان حوالي سان بيان پڻ ج??ري ڪيو آهي، جڏهن ته قانون و??ري وزير به تفصيلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان قطئي اهڙو ڪو عمل نه ڪنداسين جيڪو آئ??ن ۽ قانون خلاف هجي. هن چيو ته اسان جي حڪومتي نظام ۾ ڪو به خال نه آهي، موجوده نگران حڪومت آئين تحت قائم ٿي آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪو ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو جواب آئ??ن ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هڪ سوال تي سڌ سماءَ و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان آئيني عهدي جي عزت ۽ احترام کي نظر ۾ رکيو آهي.اسان مفروضن تي نه ڳالهائينداسين، صدر ??مل??ت جي عملي جي حوالي سان ڪو تبصرو نٿا ڪرڻ چاهيون ۽ نه ئي کين ڪو مشورو ڏئي سگهون ٿا، هي اسان جو اختيار نه آهي.
نگران حڪومت جي ڪا به سياسي ايجنڊا يا سياسي مينڊيٽ ناهي، قانون واري وزارت جي وضاحت کانپوءِ صدر مملڪت جي ٽوئيٽ سبب پيدا ٿيل ابهام ختم ٿي ويو آهي، صدر مملڪت رياست جو سربراهه آهي سندس عهدو مان جو گهرجائو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر