ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پا??ستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پا??ستاني نوجو??نن کي ملڪ جي بهتر مستقبل جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جا نوجوان هر چئلينج جو مقابلو ۽ هر شعبي ۾ قيادت جي لاءِ پرعزم آهن، هاڻي پا??ستان جي ترقي کي ڪير به روڪي نه سگهندو. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري نوجو??نن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي پورو يقين آهي ته خوشحال، مضبوط ۽ ترقي پسند پا??ستان جي تعمير جي لاءِ اسان جو نوجوان نسل هر شعبي ۽ محاذ تي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پا??ستان هڪ خوشنصيب ملڪ آهي ته ان جي 63 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي 15 کان 33 سالن جي عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري پا??ستان جو سڀ کان وڏو سرمايو اسان جا نوجوان آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پا??ستان پيپلزپارٽي نوجو??نن جي صلاحيتن کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي ان حوالي سان وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪو موقعو نه وڃايو. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقارع لي ڀ ٽو پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور ۾ نوجو??نن کي جيتريو?? نوڪريون ڏنيون، ان کان اڳ ڪڏهن ائين نه ٿيو هو. قائد عوام ته نوجو??نن جي هڪ وڏي انگ کي دوست ملڪن ۾ پڻ روزگار ڏياريو هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو بابت ته هر ماڻهو جي زبان تي هو ته ”بينظير ايندي، روزگار ڏيندي“. هن چيو ته پا??ستاني نوجو??نن کي گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ آخري ڀيرو سڀ کان وڌيڪ نوڪريون ۽ روزگار جا موقعا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ عوامي حڪومت ۾ مليا هئا. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته پا??ستان پيپلزپارٽي اڄ جي نوجو??نن کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن کان مڪمل طور تي ??گا??ه آهي، نوجو??نن کي تعليم، صحت ۽ روزگا جي موقعن جي بنا ڪنهن فرق جي فراهمي پا??ستان پيپلزپارٽي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته نوجوان مايوس نه ٿين، اسان سڀ گڏجي محنت ڪنداسي?? نوجو??نن جي لاءِ معياري تعليم ۽ روزگار کي يقيني بڻائينداسين. اسان ڪوڙا واعدا نه ٿا ڪريون، جيڪي واعدا ڪريون ٿا اهي پورو به ڪري ڏيکاريون ٿا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوجو??نن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان گڏيل قومن جي هلندڙ سال جي ٿيم (Skills for Youth: Towards a Sustainable World Green) جي پڻ حمايت ڪئي ۽ زور ڏنو ته پا??ستاني نوجو??نن کي ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇو ته اسان جو ملڪ موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي.
نوجوان ملڪ جي بهتر مستقبل جي ضمانت آهن، اسان جا نوجوان هر چئلينج جو مقابلو ۽ هر شعبي ۾ قيادت جي لاءِ پرعزم آهن: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II