اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان قوم جو مستقبل ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن، دل چاهي ٿي ته هر ٻار وٽ ليپ ٽاپ هجي ۽ هڪ لک نه هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپس ورهايان، نوجوانن تي سيڙپڪاري کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ و??ير??عظم يوٿ پروگرام تحت ليپ ٽاپس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، و??ير??عظم جي خاص معاون شزه فاطمه، عطا تارڙ، ملڪ احمد خان کانسواءِ ايڇ اي سي جي چيئرمين، استادن، والدين ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ پڻ موجود هو. و??ير??عظم چيو ته جڏهن آئون خادم پنجاب هئس ته نوجوانن ۾ لکين ليپ ٽاپس ورهايا. پنجاب ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ سان بي شمار شاگردن کي تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو انهن مان ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون اڄ ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ ڪامياب پروفيشنلز بڻجي چڪا آهن ۽ پاڪستان جي خدمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هڪ ڏينهن لاهور ۾ هڪ ٻارڙي ليپ ٽاپ وٺندي مون کي ٻڌايو ته ان جا والدين هند نيا ۾ نه آهن پر هو ڊاڪٽر بڻجڻ چاهي ٿي. و??ير??عظم چيو ته قوم جي روشن مستقبل جي ڪُنجي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي. منهنجي دل چاهي ٿي ته هر نوجوان جي هٿ ۾ ليپ ٽاپ ڏيان. ڪوويڊ – 19 جي عا??مي وبا آئي ته درسگاهون بند ٿي ويون. اهي ليپ ٽاپ ئي هئا جيڪي نوجوانن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۽ ڪامياب پروفيشنل بڻجڻ جو ذريعو بڻيا. جديد دور جي گهرجن موجب قوم جي هر ٻار جنهن وٽ علم آهي ۽ محنت ڪرڻ چاهي ٿو ان کي پنهنجو پيٽ ڪاٽي ليپ ٽاپ فراهم ڪنداسين. اهي ليپ ٽاپ لکين نوجوانن کي روزگار ڪمائڻ جي قابل بڻائڻ جو ذريعو به بڻيا آهن. ايندڙ ??ڪ سال دوران نوجوانن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويندا، ان جي لاءِ بجيٽ ۾ رقم رکي وئي آهي. اهي ليپ ٽاپ ڪنهن سفارش تي نه پر نج ميرٽ تي ملندا. و??ير??عظم چيو ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ان کانسواءِ ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندڙ ??وجوانن کي به 5 ارب رپين جا زرعي قرض فراهم ڪيا ويندا. و??ير??عظم ان يقين جو اظهار ڪيو ته نوجوانن جي محنت رنگ آڻيندي ۽ اسان آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڙيسري ملڪ کي به پٺتي ڇڏينداسين ۽ پاڪستان کي ان جو وڃايل مقام واپس ڏيارينداسين. هن چيو ته منهنجو وس هلي ته هڪ لک نه پر هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپ نوجوانن ۾ ورهايان ڇو ته اهي ئي ليپ ٽاپ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻجندا. و??ير??عظم سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي دل ڏکوئيندڙ ??اقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پوري قوم دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي لاءِ احتجاج ڪري رهي آهي ته ڪو به مسلمان قرآن مجيد جي بي حرمتي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ان کان اڳ و??ير??عظم ڦيٿو ڪاٽي پوري پاڪستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائڻ جي پروگرام جو افتتاح ڪيو. و??ير??عظم تقريب ۾ شريڪ مختلف يونيورسٽين جي نمايان تعليمي قابليت جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ پاڻ ليپ ورهايا.
نوجوان قوم جو مستقبل ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن، دل چاهي ٿي ته هر ٻار وٽ ليپ ٽاپ هجي ۽ هڪ لک نه هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپس ورهايان، نوجوانن تي سيڙپڪاري کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی