??سل??م آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وفاقي گادي واري شهر ??سل??م آباد ۾ مقرر پرڏيهي سفيرن ۽ ڊپلوميٽڪ ڪور جي ٻين ميمبرن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو. انٽر فيٿ افطار ڊنر جو اهتمام پرڏيهي وزارت ۾ ڪيو ويو هو جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاونين، ڊين آف ڊپلوميٽڪ ڪور، ??سل??مي ملڪن سميت مختلف ملڪن جي سفيرن، پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو خاص معاون سيد طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪري??ري ڊاڪٽر اسد مجيد خان، اڳوڻو پرڏيهي سيڪري??ري سهيل محمود، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ۽ ٻيون شخصيتون پڻ افطار ڊنر ۾ شريڪ ٿيون.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا