اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سکر – حيدرآباد موٽروي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ سکر پهچي و??و. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق سکر هوائي اڏي تي آبي ??سي??ن واري و??اقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم ۽ ساڻس گڏ آيل وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم پهريان سکر ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ تقريبن ۾ شرڪت ڪ??دو. وزيراعظم سکر ۽ حيدرآباد ۾ 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽر وي ايم – 06 جو پيڙهه جو پٿر رک??دو. سکر – حيدرآباد موٽر وي پشاور ڪراچي موٽر وي ( پي ڪي ايم) جو آخري حصو آهي جنهن بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽر ويز سان گنڍجي و??ندا. ڄاڻايل منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 30 مهينن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو وي??دو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪ??دو.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2