اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آه??. و??يراعظم چيو ته هن وفاقي گهرو وزير کان واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آه??. و??يراعظم چيو ته هو پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آ??ي، وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت کي سيڪيورٽي ۽ جاچ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فرا??م ڪندي. هن چيو ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس