اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته سيڪريٽري جنرل اهڙي موقعي تي دورو ڪري رهيو آهي جڏهن هڪ ڀاڱي ٽي حصو پاڪستان ٻ??ڏ ۾ ٻڏل آهي، ان جي دوري سان دنيا پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي کان بهتر طور تي آگاهه ٿي سگهندي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان اچڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃون ٿا. ان جو دورو پاڪستان مان ٻ??ڏ متاثرين جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي عال??ي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 160 ملين ڊالر ج?? فليش فلڊ اپيل جاري ڪئي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته هي دورو موسمياتي تبديلين جي موذي اثرن جي نتيجن جو احساس ڏيارڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته عالمي برادري کي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن ۾ ورتل غريب ملڪن جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آجيان
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha