گڏيل قومون -07 س??پٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته هو پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران عالمي برادري کي پاڪستان لاءِ وڏي پ??ما??ي تي امداد جي اپيل ڪندو. چ??ن جي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جو ٽيون حصو ٻوڏ سبب متا??ر ٿيو آهي ۽ هو پاڪستاني عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ عالمي برادري کان وڏي پ??ما??ي تي مدد جي اپيل لاءِ پاڪستان وڃي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هن وقت پاڪستان کي عالمي برادري طرفان ڀرپور امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته هوءَ عالمي برادري کي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري امداد جي اپيل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت يوڪر??ن جنگ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي اها اصل جنگ وسري وئي آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ئي اصل جنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان چاڊ، آفريقه جيڪي سوڪهڙي جو سبب بڻجي رهيا آهن اتي هن وقت سڀ کان وڏو خطرو جنهن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي اهي موسمياتي تبديل??ن جا اثر آهن. هن چيو ته جيڪا صورتحال اڄ پاڪستان کي درپيش آهي سڀاڻي ڪنهن ٻئي ملڪ سان ب?? پيش اچي سگهي ٿي. هن چيو ته موسمياتي تبديليون هن دور جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو آهن ۽ان کي عام مسئلو سمجهي، عام انداز سان حل ڪرڻ جي سوچ خودڪشي هوندي.
پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران عالمي برادري کان پاڪستان لاءِ وڏي پئماني تي مدد جي اپيل ڪندس: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے