پشاور – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ??رڪزي امير مولانا فضل الرحمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خيبرپختونخوا جي ??وڏ سٽيل علائقن ?? ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪمن جي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته مصروف شيڊيول جي باوجود وزيراعظم ٻوڏ سبب متاثر ضلعي ڊي آءِ خان جو ٻيو دورو ڪيو آهي ۽ رليف ۽ ريسڪيو آپريشنز جي ??گراني ڪئي ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي ڊي آءِ خان جي دوري جي ??وقعي تي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪارروائي جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مولانا فضل الرحمان حڪومتي کاتن ۽ سياسي پارٽين جي امدادي تنظيمن جي ??اکاڻ ڪندي چيو ته ٻوڏ سٽيلن کي کاڌي پيتي جي شين سان گڏوگڏ روڪ امداد به ??راهم ڪئي وئي ۽ سگو پل لڙهي وڃڻ کانپوءِ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، هن انهن سمورن ٻوڏ متاثرن کي خيمن جي ??راهمي سميت ضروري شيون فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو، ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ننڍن ڊيمن جي تعمير اڻٽر آهي، هن چيو ته ٽانڪ زم ۽ نواب حيدر ۽ ٻين ڊيمن جي تعمير سان ڪوهه سليمان ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڊي آءِ خان کي ٻوڌ کان بچائي سگهبو. هن چيو ته ڊي آءِ خان ۾ نقصانن جو جائزو وٺڻ جو سروي ۽ ان جي رپورٽ جلد حڪومت کي پيش ڪئي ويندي. هن ڪوهستان، سوات، دير، ڊي آءِ خان ۽ ٽانڪ جي ضلعن ۾ رستن جي رابطن جي ??نصوبن تي نئين سر تعمير جي ڪمن ۾ تيزي آڻڻ جو به ??طالبو ڪيو، تقريب ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام به ??وجود هئا، جي ??و آءِ (ف) جي سربراهه وزيراعظم کي ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه ڪيو.
ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ سبب نقصانن جي رپورٽ جلد حڪومت کي پيش ڪئي ويندي: مولانا فضل الرحمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار