اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي نئين ??ون??يل اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو سندس اولين ترجيح آهي، اسپيڪر جو عهدو سموري ??ير??انبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي، اسان کي هڪ اهڙو سياسي معاشرو قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جتي مڪالمي کي فروغ ڏنو وڃي، نفرت کي نه، سمورن ادارن کي پنهنجي دائري اختيار ۾ رهندي هڪ ٻئي جي مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ خطاب ??ندي راجا پرويز اشرف چيو ته هو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي باوقار عهدي تي فائز ٿيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهي، ان عهدي تي بنا مقابلي ??ون??جڻ تي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قائد ايوان ميان محمد شهباز شريف ۽ ٻين سمورن پارلياماني اڳواڻن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا دل سان ٿورا مڃان ٿو، وطن عزيز پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي جي سال ۾ بطور اسپيڪر منهنجي ??ون?? منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي. هن چيو ته هن معزز ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو منهنجي اولين ترجيح آهي، اسپيڪر جو عهدو سموري ??ير??انبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي ۽ بطور ڪسٽوڊين آف هائوس ميمبرن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اولين ذميوارين ۾ شامل آهي. جنهن منصب جي لاءِ هن معزز ايوان منهنجي بنا مقابلي ??ون?? ڪئي آهي ان منصب تي سڀ کان اڳ قائداعظم محمد علي جناح کي بنا مقابلي پنهنجو پهريون سربراهه ??ون??يو هو، هي ايوان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪسٽوڊين آف هائوس طور ??ون?? ڪري چڪو آهي، قائداعظم جو خطاب جتي پاڪستان جو پهريون سرڪاري ۽ قومي آئيني بيانيو آهي، اتي رياستي ڍانچي ۾ مقننه جي مرڪزي ڪردار تي پڻ مهر هڻي ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته مون کي اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه آهي ته بطور اسپيڪر منهنجي پهرين ذميواري هن ايوان جي خودمختياري ۽ ان کي مليل اختيارن جو تحفظ هوندو. منهنجي ناقص راءِ ۾ آئين تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن ملڪ ۽ عوام کي درپيش اهم مسئلن جو فيصلو هن ايوان ۾ ٿيندو. پاڪستان جي آئين جي شق 91 جي ذيلي شق 6 جي حقيقي روح کي سامهون رکندي سموري وفاقي ڪابينا رڳو هن معزز ايوان کي جوابده هجي ڪنهن فرد واحد کي نه هجي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته جڏهن حڪومت وقت عوام جي انهن ??ون??ل نمائندن جي راءِ کي مٿانهون ڄاڻي ۽ پنهنجون پاليسيون پوري ديانتداري سان هن هائوس ۽ ان سان واڳيل ڪميٽين آڏو رکي.
ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو سندس اولين ترجيح آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن