اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آ??ي ته مخالف ڌر وڏي واڪي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن ان جو نوٽيس وٺي. ملڪي سياسي صورتحال بابت هڪ بيان ۾ هن چيو آ??ي ته ??يپ??زپارٽي جمهوريت جي علمبردار بڻجي جمهوريت کي نقصان پهچائي رهي آهي، مخالف ڌر جو نه هڪ جهنڊو، نه هڪ نظريو ۽ نه ئي هڪ ايجنڊا آهي، مخالف ڌر جو هڪ نقاطي ايجنڊا صرف وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ آهي. هن چيو ته جيترو نقصان جمهوريت کي اڄ ٿي رهيو آ??ي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿي??، منهنجي نظر ۾ چوڌري ڀائر دانشمند آهن، اهي مناسب وقت تي، درست فيصلو ڪندا، اڃان ڏسڻو آ??ي ته بي اعتماد جو اُٺ ڪهڙي طرف ويهي ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هن وقت غير يقيني صورتحال جي سٽ سهي نٿو سگهي، ايم ڪيو ايم وارا اسان جا اتحادي آهن، پرڏيهي وزير چيو ته موجوده ??يپ??زپارٽي ۾ اها سوچ ناهي جيڪا ڀٽو دور ۾ هوندي هئي، ??يپ??زپارٽي تي هاڻي زرداري جا ڇاپ لڳي چڪي آهي، ??يپ??زپارٽي ۾ زرداري جي سوچ ۽ طور طريقو نظر اچي رهيو آ??ي. شاهه محمود قريشي چيو ته انهن ميمبرن ??ي ڊيڄاري نٿو سگهجي اهي فيصلن ۾ آزاد آهن، اندروني ۽ ٻاهرين سازشن جو قانون جي دائري ۾ رهي مقابلو ڪنداسين. پارٽي گڏجي فيصلو ڪندي ته صورتحال تي ڇا ڪرڻو آ??ي، هن چيو ته ايترن ذميدارن ماڻهن جي غير ذميداراڻي گفتگو تي تعجب آهي، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس آهي، اهي پاڪستان اچي رهيا آهن، هن چيو ته عمران خان تي دٻاءُ وجهڻ ۾ اهي ماڻهو ناڪام ٿي??دا، عمران خان مقابلو ڪرڻ ڄاهي ٿو ۽ اسان ڪري ڏيکارينداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته ميمبرز نمبر گيم تي قياس آرايون آهن، ڪنهن ميمبر جو جائز مسئلو آ??ي ته ان تي ضرور ڳالهه ڪنداسين، شاهه محمود قريشي چيو ته پارٽي کان منهن موڙيندڙ ميمبرن بابت اعتزاز احسن جو موقف وزن رکي ٿو، ميمبرن جون ٻوليون لڳائڻ، ٽڪيٽن جا واعدا ڪرڻ غير مناسب آهي، ماضي ۾ ٽڪيٽن جي واعدن کانپوءِ به منهن موڙيو ويو.
مخالف ڌر وڏي واڪي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪري رهي آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil