سڪرنڊ – 02 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحر??ڪ انصاف جي وائيس چيئرمين پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلاول زرداري ووٽن جي فارمولي سان وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگهي ڇو ته پنجاب ۾ سندس مقبوليت رڳو 5 سيڪڙو آهي. سڪرنڊ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ هاڻي پراڻن نعرن جي ڪشش ناهي رهي، پيپلزپارٽي پ??هن??ي مارچ ۾ رينٽ اي ڪار جو ميڙ کڻي گڏ هلي ر??ي آهي، پيپلزپارٽي سنڌ سرڪار جي بيساکين تي سياست ڪري ر??ي آهي، نام نهاد مارچ ۾ سنڌ پوليس، ا??مب??لينس، سرڪاري وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن، بلاول کان معصومانا سوال آهي ته جتي وڃي ٿو شهر ڇو بند ڪرائي ڇڏي ٿو، جيڪڏهن عوامي مارچ آهي ته عوام کي ڇو پري رکيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته بلاول چوي ٿو ته م??هن??ي کيسي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ آهي، پر گذريل ڏينهن انهن جي عدم اعتماد جي رٿ جي هوا نڪري وئي، چوڌري ڀائرن وزيراعظم سان تائيد کي ورجايو ۽ اسان جا باقي اتحادي به اسان سان گڏ آهن، تحر??ڪ انصاف جو ايم اين اي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، تحر??ڪ انصاف ۾ عمران خان کانسواءِ ڪو گروپ نه آهي. مخالف ڌر وٽ نمبر نه آهن، (ن) ليگي چونڊون چاهين ٿا ۽ پيپلزپارٽي وارا چونڊون نه ٿا چاهين. پرڏيهي وزير چيو ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، يوڪرين سان ٽن ملڪن جون سرحدي حدون لڳن ٿيون جن سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هي??تائين هڪ هزار 132 ٻار بارڊر ڪراس ڪري چڪا آهن، ڪل 3 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون هئا انهن مان ڪيترائي اڳ ۾ نڪري آيا هئا، جيڪي رهجي ويا انهن جا دستاويز تيار نه هئا ان لاءِ اهي رهجي ويا آهن، انهن لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان معاملي ۾ غافل نه آهيون.
بلاول زرداري ووٽن جي فارمولي سان وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگهي ڇو ته پنجاب ۾ سندس مقبوليت رڳو 5 سيڪڙو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج