اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بيوقوفاڻيون ڪهاڻيو?? ۽ ??ازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو وڃي ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽس جا پئسا ڪٿان آيا؟ مريم نواز جي اربين رپين جي جائيداد سامهون اچي چڪي آهي، ان جو جواب ڏين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انصار عباسي جي هڪ حيرت انگيز اسٽوري نظر مان گذري جنهن ۾ گلگت جو هڪ جج صاحب فرمائي ٿو ته جڏهن هو ثاقب نثار صاحب وٽ چانهه پيئڻ ويٺو ته جج صاحب فون تي هاءِ ڪورٽ جي جج کي چيو ته نواز شريف جي ضمانت اليڪشن کان اڳ ناهي وٺڻي، ڪهڙا ڪهڙا لطيفا هن ملڪ ۾ نواز شريف کي ??ظلوم ثابت ڪرائڻ جي مهم هلائي رهيا آهن. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چيو ته اندازو لڳايو ته ڪنهن جج وٽ چانهه پيئڻ وڃو ۽ هو فون ملائي ويٺل آهي ته توهان جي سامهون ئي اهڙيون هدايتون جاري ڪري ته ڪنهن جوابدار جي ضمانت وٺڻي آهي يا ناهي وٺڻي، جوابدار به ڪو عام ماڻهو نه ملڪ جو وزيراعظم. هن چيو ته بيوقوفاڻيون ڪهاڻيو?? ۽ ??ازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو ته نواز شريف جيڪي ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا ۽ جيڪي بعد ۾ مريم نواز جي ملڪيت ۾ ڏنا ويا، انهن جا پئسا ڪٿان آيا؟ چوڌري فواد حسين چيو ته مريم نواز اهو چيو ته منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، هاڻي اربين رپين جي جائيداد سامهون اچي چڪي اهي، ان جو جواب ڏيو.
بيوقوفاڻيون ڪهاڻيون ۽ سازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو وڃي ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽس جا پئسا ڪٿان آيا؟: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ