اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پ?? پي) وفاقي حڪومت ا??ندڙ عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ نئين آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته آدمشاري ايندڙ چونڊن کان اڳ ٿيندي، آدمشماري لاءِ سڀئي وسيلا فراهم ڪيا ويندا. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته آدمشماري هڪ ڊگهو عمل آهي، مالي سال 22 -2021ع ۾ شروعاتي مرحلي لاءِ پنج ارب روپين جي رقم ??ختص ڪئي وئي آهي، ان رقم ۾ صوبن کي پ??هنجو حصو وجهڻو آهي، ڇاڪاڻ جو وفاق ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي خرچ برداشت ڪنديون، آدمشماري لاءِ فنڊن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، هڪ س??ال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان جي جي ڊي پ?? جي قرض جو تناسب 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. اهو 2020ع ۾ 87.6 سيڪڙو هو جڏهن ته مار?? 2021ع جي آخر ۾ 79.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو.
آدمشاري ايندڙ چونڊن کان اڳ ٿيندي، آدمشماري لاءِ سڀئي وسيلا فراهم ڪيا ويندا: شوڪت ترين
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل