اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي سياست جو بنياد تبديلي جي نعري تي رکيو، سندس خواب هڪ جديد اسلامي فلاحي رياست قائم ڪرڻ آهي، اڄ به تحريڪ انصاف مڊل ڪ??اس ۽ لوئر مڊل ڪلاس جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، عوام جي اميد آهي ته جيڪڏهن ڪير انصاف ڏئي سگهي ٿو ته اها صرف تحريڪ انصاف آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي يوم تاسيس جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چئي.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی