اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته گلگت بلتستان کي سياحت جو مرڪز بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، سياحت جي ترقي سان علائقي جي عوام جو نه رڳو زندگي جو معيار بلند ٿيندو پر انهن کي روزگار جا وسيع موقعا پڻ ملندا. هو گلگت بلتستان جي وڏي وزير محمد خالد خورشيد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جو اطلاعات وارو وز??ر فتح الله خان پڻ موجود هو. وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ته گلگت بلتستان قدرتي حسن سان مالامال آهي، هي خطو سڄي دنيا جي سياحن جي لاءِ هڪ حسين ۽ پرڪشش جڳهه آهي. گلگت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان جي خوبصورتي ۽ علائقائي ثقافت اجاگر ڪرڻ ۾ پي ٽي وي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ته پاڪستان جي خوبصورت جاين تي فلمن جي عڪسبندي نئين فلم پاليسي جو حصو بڻائي رهيا آهيون.
گلگت بلتستان کي سياحت جو مرڪز بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن