اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ 98 سيڪڙو معاملن تي سمورن صوبن جو اتفاق راءِ هو، سواءِ سنڌ ??ي سمورن صوبن بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان هڪ زبان ۽ هم آواز ٿي وزيراعظم جي ان سوچ کي اڳتي وڌايو، سنڌ ??ڪومت بنا مشاورت جي سڀ کان اڳ لاڪ ڊائون ڪيو ان جي باوجود سنڌ ۾ڪورونا وائرس جا تصديق ٿيل ڪيس، ڪورونا وائرس جي وينٽيلٽر تي پيل ماڻهو، فوتگيون ۽ ڪورونا جو ڦه??اءُ سمورن صوبن کان وڌيڪ آهي، وفاقي حڪومت سنڌ ??ي شهرين کي بي يارو مددگار سنڌ ??ڪومت جي رحم ڪرم تي نه ٿي ڇڏي سگهي، اندرون سنڌ ??ميت سڄي ??نڌ ۾ هر طرف بک، بدحالي، بيروزگاري عروج تي آهي، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ احتياط ئي واحد علاج آهي، حڪومتي قدمن سان گڏوگڏ عوام کي به احتياط لاءِ عملي حصيدار بڻجڻو پوندو، عوام حڪومت سان گڏجي ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيندي. هو پي ٽي آءِ سنڌ ??ي صدر حليم عادل شيخ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪورونا وائرس سان واڳيل چئلينجز جي حوالي سان قومي بيانيو ۽ قومي حڪمت عملي جوڙي وئي، ان حڪمت عملي جو محور ۽ مرڪز اهو آهي ته ڪورونا جي ڦه??اءُ ک?? روڪڻ جي لاءِ وفاق ۽ صوبا حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪن ۽ ڪورونا جي ڦه??اءُ ک?? محدود ڪرڻ جي لاءِ وبا سان واڳيل احتياط کي ڏاهپ ذريعي عوام ۾ باور ڪرايو وڃي ته اهو مرض ناقابل علاج آهي، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ احتياط ئي واحد علاج آهي.
وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ 98 سيڪڙو معاملن تي سمورن صوبن جو اتفاق راءِ هو: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار