اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان س??ود?? هم منصب ترڪي الشب??نه ملاقات ڪئي جنهن ۾ اطلاعات، ميڊيا، فلم، ڊرامي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون، سفارتي ۽ ثقاف??ي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون ۽ گڏيل پروڊڪشنز ۽ ثقاف??ي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ س??ود?? وزير جي ويزن ۽ دلچسپي کي ساراهيو. س??ود?? اطلاعات واري وزير ان موقعي تي چيو ته س??ود?? عرب ۽ پاڪستان جي تخليقي ذهنن کي گڏ ڪري اسلام جي حقيقي پيغام کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون جا موقعا موجود آهن.
مضمون کا ماخذ : کڑک