اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وقتي صد?? صادق سنجراڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان سندس رهائشگاهه تي ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وقتي صدر اسد قيصر کي اسپيڪر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ پارلياماني معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران ج??ري بيان موجب وقتي صدر سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ جي عزت وڌائڻ ۽ قومي ايشوز کي پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ آڻڻ سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل ذميو??ري آهي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي پاڪستان ۾ قانونسازي جو محور آهي.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں