ڪٽاس راج – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد ن??از شريف چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن کي معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وينديون، اهو ڏينهن پري نه آ??ي جڏهن پاڪستان کي عالمي سطح تي اقليت دوست ملڪ جي طور تي سڃاتو ويندو. هو ڪٽاس راج جي دوري جي موقعي تي واٽر فلٽريشن پلانٽ جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ن??از شريف چيو ته هو سمورن پاڪستانين جو وزيراعظم آهي ۽ اهو سندس مذهبي فرض آهي ته هو ملڪ جي ??ر شهري جو بنا ڪنهن فرق جي خيا?? رکي. هن چيو ته آثار قديمه جي حوالي سان ڪٽاس راج کي وڏي اهيمت حاصل آ??ي جيڪو 4 تهذيبن جو سنگم آهي، اڄ جو ميڙ پوري دنيا کي پيغام ڏئي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن کي برابر جو شهري سمجهيو ۽ مڃيو وڃي ٿو.
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس