پيانگ يانگ _ 9 آڪٽوبر (اي پي پي )اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان چيو آهي ته سندس ملڪ ايٽمي هٿيارن سان گڏ فوجي سپر پاور بڻجڻ طرف تيزي سان ??دم وڌائيندو ۽ دشمن جي حملي جي صورت ۾ انهن جي استعمال کان ??اسو نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪم جونگ ان ??ڪ هفتي ۾ ٻيو ڀيرو ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سڪ يول جو نالو کڻي کيس خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جو ذميوار ??رار ڏنو ۽ ان حقيقت تي روشني وڌي ته ڏکڻ ڪوريا وٽ ته مناسب اسٽريٽجڪ هٿيار به ناهن. اتر ڪوريا جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي کي خطاب ۾ ڪم جونگ ان چيو ته سچ پڇو ته اسان جو ڏکڻ ڪوريا تي حملو ڪرڻ جو قطعي ڪو ارادو ناهي. هن چيو ته جڏهن به اسان ??وجي طاقت جي استعمال بابت پنهنجو موقف بيان ڪيو ته وا??ع طور تي ۽ مستقل جيڪڏهن ڪو لفظ استعمال ڪيو ته جيڪڏهن دشمن اسان جي ملڪ خلاف طاقت استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته فوج بنا ڪنهن هٻڪ جي سموري جارحاڻي طاقت استعمال ڪندي .ايٽمي هٿيارن جي استعمال کي به نه روڪيو ويندو. هن چيو ته فوجي سپر پاور ۽ ايٽمي طاقت بڻجڻ طرف اسان جو قدم تيز هوندو. ياد رهي ته اتر ڪوريا ڪيترن ڏهاڪن کان ايٽمي هٿيارن جو پروگرام هلائي رهيو آهي ۽ خيال ڪيو پيو وڃي ته ان ??لڪ وٽ ايٽمي هٿيار ??اهڻ لاءِ تمام گهڻو ايٽمي مواد موجود آهي . هن زمين هيٺ 6 ايٽمي ڌماڪا به ڪيا آهن.
اتر ڪوريا ايٽمي هٿيان سان گڏ فوجي سپر پاور بڻجڻ طرف گامزن
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado