گڏيل قومون – 23 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل مبصر رياض منصور والاريل اولهندي ڪناري جي شهر نابلس ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪندي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فلسطيني عوام کي اسرائيلي ظلمن خلاف تحفظ ف??اهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سعودي خابرو اداري موجب هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، عالمي برادري ۽ سيڪريٽري جنرل کان مطالبو ڪيو ته هو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ سيڪريٽري جنرل ??ي رپورٽ تي عملدرآمد ڪندي فلسطيني شهرين کي تحفظ ف??اهم ڪرڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. گڏيل قومن ۾ فلسطيني مشن ايندڙ ڏينهن ۾ هنگامي اجلاس منعقد ڪرڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن سان ڳالهيون ڪندو. فلسطين ۾ گذريل ڏينهن اولهندي ڪناري جي شهر نابلس تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 10 ماڻهو شهيد ۽ 100 ک??ن وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي سيڪريٽري حسين الشيخ نابلس ۾ اسرائيلي حملي کي قتل عام قرار ڏيندي عالمي برادري کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪيو آهي.
سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري فلسطيني عوام کي اسرائيلي ظلمن خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: فلسطيني مبصر رياض منصور
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino