اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر جي جلد سڃاڻپ ئي مل?? ۾ ??ن موذي مرض جو شڪار ٿيندڙ 40 هزار عورتن جون زندگيون بچائڻ جو واحد رستو آهي، ان سلسلي ۾ ڀرپور آگاهي مهمن جي ذريعي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ خدشن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي عورتن کي فوري طبي مدد وٺڻ بابت هٻڪ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
صدر پنهنجي زال ثيمنه علوي ??ان گڏ هتي ايوان صدر ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن ??ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ عوام کي حساس بڻائڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان جهڙي اسرندڙ مل?? ۾ ??حتياط ۽ پرهيز ڇاتي جي ڪينسر سميت ٻين بيمارين جي مهانگي ط??ي علاج کان بچڻ جو بهترين طريقو آهي، هن چيو ته معاشري جي ذميداري آهي ته هو عورتن کي تعليم، صحت ۽ هراسيت کان بچاءُ سميت سمورين سهولتن تائين پهچ ڏي. صدر صحافين تي زور ڏنو ته هو ڇاتي جي ڪينسر جي خلاف جنگ ۾ ان موضوع کي نمايان ڪري ته جيئن ماڻهن کي وڌ کان وڌ آگاهه ڪري سگهجي،
ان موقعي تي بيگم ثمينه علوي چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ سندس آگاهي مهم جي پيش نظر ميڊيا پنهنجي ٽيليويزن پروگرامن ۽ اخبارن ۾ ان موضوع کي موثر طريقي ??ان اجاگر ڪري رهيو آهي، هن چيو ته هو ه?? مهيني ۾ مختلف شهرن جي ڪاليجن جو دورو ڪندي ته جيئن ڇوڪرين ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي حوالي ??ان شعور بيدار ڪري سگهجي. هن خاندانن جي مردن تي به زور ڏنو ته هو ان بيماري ??ان جڙيل مصيبتن جو ازالو ڪن ۽ مناسب طبي سارسنڀال لاءِ عورتن جي مدد ڪن. وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي سنگيني جي پيش نظر لاڳاپيل صحت جي ادارن جي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.