ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ج?? ترقي ??ڪومت جي اولين ??رجيحن ۾ شامل آهي، صوبي جي معدني وسيلن تي سڀ کان پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، آف گرڊ منصوبن سان بلوچستان ۾ بجلي جي کوٽ جو مسئلو حل ڪيو ويندو، جيستائين ??لوچستان ترقي ۾ باقي ??وبن تائين نه ٿو پهچي وڃي تيستائين ??ئون سک سان نه ويهندس، جار?? ترقياتي منصوبن جي مانيٽرنگ يقيني بڻائي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان جي انتظامي صورتحال تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بلوچستان جي سيڪريٽري پاران صوبي ۾ جار?? ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، امن امان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ هن وقت آبادي جو هڪ وڏو حصو غربت جي لڪير کان هيٺ آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب روزگار جا موقعا گهٽ هجڻ آهي، ان حوالي سان حڪومت مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ جاري منصوبن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني پئي وڃي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن پاران تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ پوري صوبي جي لاءِ هڪ ٺوس پئڪيج جي اعلان جي تجويز ڏنيو ئي، ڪوسٽل هاءِ وي جي ڀرپاسي سياحت جو فروغ، مقامي افرادي ??وت جي تعليم ۽ پيشيواراڻ?? تربيت جي ادارن جو قيام پڻ تجويزن شامل آهي. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي بلوچستان دوري تي ڀليڪار چيو ۽ حڪومت جي بلوچستان ج?? ترقي کي پنهنج?? ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم صوبائي ڪابينا جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ج?? ترقي ??ڪومت جي اولين ??رجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي باصلاحيت افرادي ??وت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن جي مانيٽرنگ يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته آف دي گرڊ منصوبن سان بلوچستان ۾ بجلي جي کوٽ جو مسئلو حل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته جيستائين ??لوچستان ترقي ۾ باقي ??وبن تائين نه ٿو پهچي وڃي تيستائين ??ئون سک سان نه ويهندس، ان ۾ مون کي بلوچستان ڪابينا جو تعاون گهربل آهي، منصوبن تي عملدرآمد توهان جي تعاون سان يقيني ٿي سگهندو، بلوچستان جي معدني وسيلن تي سڀ کان پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، بلوچستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ وظيفن جو سلسلو جيڪو رڪجي ويو هو آئون ان ک ٻيهر شروع ڪندس. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جو اتر ۽ ڏکڻ سان ڪو غرض نه آهي، اسان کي بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جي ۽ پوري صوبي جي مجموع?? ترقي ??ي لاءِم ڪم ڪرڻو آهي. اجلاس ۾و فاقي وزيرن احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مولانا واسع، نوابزاده شاهه زين ??گٽي، اسرار ترين، بلوچستان جي وقتي گورنر جان محمد جمالي، بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو، صوبائي وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان