اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ايشام ۾ فوجي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ واقعي ۾ 7 فوجين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جو پاڪستاني فوج جي قافلي تي حملو مذمت جوڳو آهي، اهڙا واقعا امن جي لاءِ سنگين خطرو آهن. هن چيو ته حوالدار طارق يوسف، سپاهي سليمان وقاص، س??اهي جنيد علي، س??اهي اعجاز حسين، س??اهي وقار احمد، س??اهي محمد جواد امير ۽ سپاهي ارشد علي شهادت ماڻ??. م??ڪ ۽ قوم جي لاءِ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جو خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي فرزندن کي سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته ش??يد?? جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي لاءِ دعاڳو آهيون.
وزيراعظم شهباز شريف پاران اتر وزيرستان جي علائقي ايشام ۾ فوجي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا