اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پوليو ج?? خاتمي جي 2 سالا ايمرجنسي ايڪشن پلان جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته ??سان سڀني کي گڏجي پوليو وائرس جو خاتم?? ڪرڻو آهي، عالمي برادري کي پوليو ج?? خاتمي ۾ افغانستان جي به مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ پوليو ج?? خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم پوليو ج?? خاتمي جي موثر قدمن تي صوبائي صحت جي کاتن ۽ ضلعي انتظاميه کي خراج تحسين پيش ڪندي عالمي حصيدارن جو مالي ۽ ٽيڪنيڪي امداد تي ٿورو ادا ڪ??و. وزيراعظم چيو ته ??ردي جي موسم ۾ پوليو ج?? پکيڙ جي شرح گهٽ ٿيندي آهي ۽ ٻارن جي ايمونائزيشن لاءِ اهو ئي موذون ترين وقت هوندو آهي. اسان سڀني کي گڏجي پوليو وائرس جو خاتم?? ڪرڻو آهي. هن چيو ته ??المي برادري کي پوليو ج?? خاتمي ۾ افغانستان جي به مدد ڪرڻ گهرجي ته ??يئن هنگامي صورتحال کان بچي سگهجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻارن جي ٻين ايمونائزيشن پروگرامز کي به پوليو ج?? خاتمي جي مهم سان گڏ هلايو وڃي ته ??يئن وڌ کان وڌ ڪوريج حاصل ڪري سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??يندڙ پنج سالن جي لا3 798.6 ملين ڊالر جو پي سي ون منظوري جي لاءِ تيار آهي جنهن ۾ عالمي ادارن ۽ حڪومت پاڪستان جي مالي مدد شامل آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ??ال 2020ع ۾ پوليو جا 84 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته گذريل 10 مهينن ۾ ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو ج??ڪا پاڪستان جي پوليو ج?? خاتمي جي حوالي سان وڏي ڪاميابي آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ پوليو وائرس افغان پناهگيرن جي ذريعي داخل ٿيندو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي 36 مهينن جو عرصو بنا ڪ??هن پوليو ڪيس جي رپورٽ ٿيڻ جي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ورلڊ هليٿ آرگنائيزيشن پاران ”پوليو فري“ سرٽيفڪيٽ حاصل ٿي ويندو، انجنيئر ان چيف پاڪستان آرمي اجلاس کي پوليو تيمن کي فراهم ڪيل سيڪيورٽي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، عالمي ادارن جي نمائندن پوليو ج?? خاتمي واري مهم جي موثر قيادت تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪ??و ۽ مڪمل تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو. عالمي ادارن جي نمائندن جو حڪومت پاڪستان جي پوليو ج?? خاتمي وارن قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ خاص مددگار فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏو وزير محمود خان، گلگت بلتستان جي وڏو وزير خالد خورشيد، بلوچستان جي صحت واري وزير سيد احسن شاهه، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، انجنيئر ان چيف پاڪستان آرمي ليفٽين??ٽ جنرل معظم اعجاز، سمورن چيف سيڪريٽرين، بليو ايڇ او، يونيسيف سي ڊي سي، گاوي، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ روٽري انٽرنيشنل جي اعليٰ عملدارن ۽ سينئر سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران پوليو جي خاتمي جي 2 سالا ايمرجنسي ايڪشن پلان جي منظوري
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی