اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو آهي ته ملڪ جي ??رق?? ۽ خوشحالي جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ جدوجهد ج??ري رهندي، 25 جولاءِ 2018ع تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ 22 ڪروڙ عوام گڏجي نئين سوچ جو بنياد رکيو، هڪ فر??وده، مراعت يافته، اقرباپروري ۽ ڪرپٽ نظام کي شڪست ملي، اڄ ??و ڏينهن پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي. 25 جولاءِ 2018ع جي چونڊن جي مناسبت سان اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو ته فر??وده نظام جا خالق ملڪي ادارن ۽ معيشت کي کوکلو ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪندا رهيا. جڏهن اسان کي اقتدار مليو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتون درپيش هيون، ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هو، سمورين مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي باوجود وزيراعظم جي قيادت ۾ نئين عزم سان سڌارن طرف وڌياسين. هن چيو ته ڪورونا وبا کي نه رڳو منهن ڏنو پر معيشت ۽ صحت ٻنهي کي اهميت ڏني وئي.
ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وزيراعظم جي قيادت ۾ جدوجهد جاري رهندي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی