اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشمير مسئلي کي منظم انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 25 هين جنوري کان قومي ۽ عالمي سطح تي مختلف تقريبن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته چئلينجن جي باوجود پاڪستان ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ وڙهندو رهندو، ڀارت ڪشمير جي گڏيل حل کان ڀڄڻ چاهي ٿو، ڀارت جي سمورين ڪوششن باوجود ڪشمير مسئلو ٻه ڀيرا سلامتي ڪائونسل ۽ ٻه ڀيرا آمريڪي ڪانگر??س ۾ بحث هيٺ آيو، ڀارت طرفان جعلي آپريشن جو به خدشو آهي، ڀارت پوري خطي کي خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينيٽر ف??صل جاويد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ جي ڀارتي هڪطرفي قدم کانپوءِ والاريل ڪشمير ?? 80 لک کان وڌيڪ ڪشميري قيد آهن، خطي جي امن کي داءُ تي لڳايو پيو وڃي، 175 ڏينهن کان ڪشمير ?? ڪرفيو ج??ري آهي ۽ سمورا بنيادي انساني حق معطل آهن، هن چيو ته 5 آگسٽ کانپوءِ اسان سنجيدگي سان ڏٺو ته حالتون تيزي سان بگڙجي رهيون آهن، ڀارت پوري ڪوشش ڪئي ته معاملو سلامتي ڪائونسل ۾ بحث هيٺ نه آڻي سگهجي پر 50 سالن کانپوءِ اسان ان مسئلي کي سلامتي ڪائونسل کڻي وياسين ۽ موجوده حڪومت جي ڪوششن سان ڪشمير جو تڪرار سلامتي ڪائونسل ۾ ٻه ڀيرا ۽ آمريڪي ڪانگر??س ۾ به ٻه ڀيرا بحث هيٺ آيو.
چئلينجن جي باوجود پاڪستان ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ وڙهندو رهندو: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون