نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته مودي انتظاميه والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪري رهي آهي، مسلسل ڪرفيو سان ڪشمير جي مسلمانن جي نسل ڪش?? جو خدشو آهي، سمورن مسلمان ملڪن کي ڪشميرين سان يڪجهتي ڏيکارڻي پوندي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي سربراهن جي وفد جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته هو والاريل ڪشمير ۾ ا??سا??ي الميي کان بچڻ لاءِ اتي جي صورتحال تي سنجيدگي سان مظاهرو ڪري ڇو ته والاريل ڪشمير ۾ گذريل 50 ڏينهن کان مسلسل جا??ي ڪرفيو جي ڪري ڪشمير جي مسلمانن جي نسل ڪش?? جو خدشو آهي، تقريب ۾ سعودي عرب، ترڪي، نائيجريا ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا