اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ثقافتي ڪاروان پاڪستان چين عوامي رابطن جي استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ٻن??ي ملڪن ۾ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا بهترين لاڳاپن جو لازمي جز آهي، انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ ۽ قومي بيانيو اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ثقافتي پروگرام شروع ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ارومچي کان گوادر تائين ثقافتي ڪاروان روانو ڪرڻ جي مجوزه پلان تي غور ڪيو ويو، ڪاروان ۾ ٻن??ي ملڪن جا فنڪار، موسيقار?? ڊانسرز ۽ فوٽوگرافر شامل هوندا. پي اين سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل سيد جمال شاهه مملڪتي وزير کي پاڪ چين اقتصادي لنگهه روٽ سان گڏوگڏ سفر، فن ۽ ثقافت جي دستاويزي عڪسبندي ڪرڻ ۽ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين، مفاهمت، اعتماد ۽ احترام جي ??رو?? لاءِ تخليقي سفر ۽ ثقافتي ڪاروان جي تصور بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
ثقافتي ڪاروان پاڪستان چين عوامي رابطن جي استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil