اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين عوام کي سندن در تي فوري انصاف جي فراهمي تي وفاقي محتسب آفيس کي ساراهيندي چيو آهي ته محتسب کي ڪيس اڪلائڻ جي شڪايت ڪند??ن کي رليف فراهم ڪرڻ سان گڏ??گڏ بدانتظامي ۾ ملوث اهلڪارن جي خلاف اداراجاتي ڪارروائي جي به تجويز ڏيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه وفاقي محتس?? جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن سلمان فاروقي جي سربراهي ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفاقي ٽيڪس محتسب عبدالرئوف چوڌري به ملاقات ۾ موجود هو. صدر چيو ته قانون جو مقصد عوام جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ نه پر انهن جي مدد ۽ انهن کي سهولت فراهم ڪرڻ هوندو آهي.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش