پيانگ يانگ-12 نومبر (اي پي پي) اُتر ڪوريا روس سان دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندي اُتر ڪوريا ?? روس ڪنهن به ڌُر تي حملي جي صورت ۾ ه??ٻئ?? جو دفاع ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان معاهدي ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ناتن کي بهتر بڻايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا ٻُڌايو ته اُتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان هڪ حڪمنامي ذريعي روس سان معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ روس جي پارليامين?? گذريل هفتي ان معاهدي جي توثيق لاءِ اتفاق راءِ تي ووٽ ڏنو هو جنهن تي صدر ولادي مير پيوٽن بعد ۾ صحيحيون ڪيون هيون. روس جي صدر ۽ اُتر ڪوريا جي اڳواڻ جون ۾ روس جي صدر جي اُتر ڪوريا جي دؤري دوران اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون هيون. هي معاهدو ٻنهي رياستن کي ه??ٻئ?? تي حملي جي صورت ۾ ڪنهن دير کانسواءِ فوجي مدد فراهم ڪ??ڻ ۽ اولهه جي پابندين جي مخالفت ڪندي گڏيل تعاون جو پابند بڻائي ٿو. ولادي ميرپيوٽن جون ۾ ٿي?? ان معاهدي کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو هو.
اُتر ڪوريا روس سان تاريخي دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي، اُتر ڪوريا ۽ روس ڪنهن به ڌُر تي حملي جي صورت ۾ هڪٻئي جو دفاع ڪندا
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔