برلن-09 مئي (اي پي پي)جرمني جي سياسي پارٽي ڊاءِ لنڪ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جرمن عوام ۾ تمام گهڻو مشهور ترڪيه جي ڊونر ڪباب جو اگهه گهٽايو وڃي، ميڊيا رپورٽن موجب ڊاءِ لنڪ پارٽي عام ماڻهن جي پسند کي نظر ۾ رکن??ي ڊونر ڪباب جو روزاني واچر فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، پارٽي پاران ڊونر ڪباب جو اگهه مقرر ڪرڻ جي حوالي سان چيو آهي ته ع??م قيمت 4.90 يورو ۽ نوجوانن لاءِ 2.90 يورو تائين محدود هجڻ گهرجي.واضع رهي ته ڪباب جو اگهه مقرر ڪرڻ واري اسڪيم لا ڳو ڪرڻ تي حڪومت کي اٽڪل 4 ار?? يورو خرچ ڪرڻا پوندا. ٻئي عالمي جنگ کان پوءِ جرمني ۾ رهائش اختيار ڪندڙ ترڪ پنهاگيرن ڊونر ڪباب متعارف ڪرايا جيڪي هاڻي علائقائي ذائقي مطابق تيار ڪيا وي??دا آهن.
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores