بوڪوس-26 ڊسمبر (اي پي پي) نائجيريا جي سينٽرل علائق?? ۾ ??يترن ئي ڳوٺن تي هٿياربندن جي حملن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گ??ٽ 160 ڄڻا مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مقامي اختيارين ٻُڌايو آهي ته ??ٿياربندن نائجيريا جي مرڪزي علائقي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن تي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گ??ٽ 160 ڄڻا مارجي ويا آهن. پليٽيو اسٽيٽ جي گادي واري هنڌ بوڪوس ۾ مقامي حڪومت جي سربراهه پير ڪاسا 160 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن ٻُڌايو ته ??ٿياربندن مختلف برادرين جي گهرن تي حملا ڪيا ۽ سندن گهرن کي باهيون ڏنيون. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته حملن ۾ 300 کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿيا آهن. واضح رهي ته ڄاڻايل علائقن ۾ ترسيل مسلمان ۽ عيسائي آباديءَ ۾ نسلي ۽ مذهبي تڪرار هلي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر