جڪارتا- 02 نومبر (اي پي پي) انڊونيشيا جي جزيري ڏکڻ صوبي ايسٽ نوساٽينگارا ۾ خميس ڏينهن صبح سويري 6.1 جي شدت جو زلزلو آيو، زلزلي سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، ج??هن ته صوبائي گادي واري هنڌ ڪو??ان?? ۾ ??اڻ??و ڊپ وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. فرانس جي خابرو اداري موجب انڊونيشيا جي جيو فزڪس ايجنسي بي ايم ڪي جي زلزلي جي شدت 6.6 ٻڌائي آهي. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلو ڪو??ان?? شهر ويجهو تيمور جزيري جي اولهه ۾ 36.1 ڪلوميٽري جي گ??رائي ۾ آيو، زلزلي سان شهر ۾ ڪجهه عمارتن جا ڇاپڙ ڪريا ۽ ڪجهه ??اڻ??ن پنهنجا گهر خالي ڪري ڇڏيا، زلزلي جا لوڏا صوبائي گادي واري هنڌ ڪو??ان?? کانسواءِ صوبي جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ به محسوس ڪيا ويا، مقامي عملدارن موجب زلزلي سان سونامي جو ڪو به انديشو ناهي، زلزلي کانپوءِ گهٽ شدت جا آفٽر شاڪ به محسوس ڪيا ويا.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد