نيويارڪ-21 سيپٽمبر(اي پي پي) ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته سندس ملڪ کي عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي ايٽمي ??نڌن جي معائني سان ڪو به مسئلو ناهي صرف ڪجهه معائنو ڪندڙن تي اعتراض آهي. سعودي خابرو اداري موجب هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي معائني ۾ ڪو به مسئلو ناهي پر ڪجهه معائنو ڪندڙن تي اعتراض آهي، جيستائين انهن انسپڪٽرز جو تعلق آهي جيڪي قابل اعتماد آهن اهي ايران ۾ پنهنجو جاري رکي سگهن ٿا. ان جو هي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو جڏهن تازو ئي ايران ڪيترن ??ي عالمي ??عائنو ڪندڙن کي ملڪي ايٽمي ??نڌن جو معائنو ڪرڻ کان هٽائي ڇڏيو، ايراني قدم هلندڙ مهيني جي شروع ۾ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي بورڊ آف گورنرز ۾ آمريڪا، برطانيه، فرانس ۽ جرمني جي قيادت ۾ ان قدم کانپوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ ايران کان مطالبو ڪيو و??و هو ته هو ايجنسي سان فوري طور تي تعاون ڪري، صدر رئيسي چيو ته ايران جو هي فيصلو عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي اولهه ج?? ميمبرن ??ي ڪجهه غير منصفاڻي بيانن جي جواب ۾ آيو، ياد رهي ته ايران طرفان کنيل قدم جنهن کي انسپڪٽرز جي ”ڊي اپائنٽمنٽ“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جنهن ۾ ميمبر ملڪن عام طور تي ايٽمي ??ٿيارن ??ي عدم پکيڙ جي معاهي تحت پنهنجي ايٽمي ??نڌن جي ڪجهه معائنو ڪندڙن جي دوري تي اعتراض ڪري سگهن ٿا.
آءِ اي اي اي جي ايٽمي هنڌن جي معائني سان ڪو مسئلو ناهي، ڪجهه معائنو ڪندڙن تي اعتراض آهي: ايران
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی