مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزير ۽ سپريم حج ڪميٽي جي سربراهه شهزاده عبدالعزيز بن سعو?? بن نائف هلندڙ سال حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. عرب نيوز موجب مڪي ۾ حج سيڪيورٽي ڪميٽي ?? حج سيڪيورٽي فورسز جي اڳواڻن سان ملاقات دوران شهزاد عبدلعزيز چيو ته سيڪيورٽي پلان جا لاڳو ڪيل مرحلا ڪامياب رهيا آهن ?? حج پانڌيئڙن کي مڪي تائين پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پيو آهي. هن وزارت جي سيڪيورٽي عملدارن ۽ نيشنل گارڊ واري وزارت، دفاع واري وزارت، جنرل انٽيليجنس پريذيڊنسي ۽ پريذيڊنسي آف اسٽيٽ سيڪيورٽي جي فوجي عملدارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي جون ڪوششون ان وقت تائين جاري رهنديون جيستائين حج پانڌيئڙا آساني ۽ سڪون سان پنهنجون رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي وطن واپس نٿا هليا وڃن. پبلڪ سيڪيورٽي جي ڊائريڪٽر ?? حج سيڪيورٽي ڪميٽي جي سربرا??ه جنرل محمد البسامي حج سيڪيورٽي پلان جي نتيجن جي باري ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته هن حج سيزن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن سيڪيورٽي ۽ عسڪري عملدار سيڪيورٽي پلان جي باقي مرحلن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهن. اهڙي طرح حاجي سڳورن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو ويندو.
حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن: سعودي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ