انقره، دمشق – 09 فيبروري (اي پي پي) ترڪيه ۽ شام ۾ تباهي پکيڙيندڙ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 15 هزار کان وڌي ويو. ترڪيه جي انادولو ايجنسي خميس تي ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي منيجمنٽ اٿارٽي جي حوالي سان ٻڌايو ته ملڪ ?? تباهي پکيڙيندڙ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 12 هزار 391 تائين پهچي ويو آ??ي. چيني خابرو اداري جي رپورٽ ۾ شام جي صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ويو آ??ي ته شام ۾ حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1262 ماڻهو فوت ۽ 2285 زخمي ٿيا. ميڊيا رپورٽس ۾ امدادي ڪارڪنن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آ??ي ته شام ۾ مخالف ڌر جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1730 ماڻهو فوت ۽ 2850 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. زلزلي سبب متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاروائيون جاري آ??ن . واضح ??هي صحت جي عالمي اداري خدشو ظاهر ڪيو آ??ي ته فوتگين جو اصل انگ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا