اسلام آباد _ 09 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري اسڪيم تحت پن?? هزار خالي حج سيٽن تي 10 جنوري کان درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب پن?? هزار خالي سيٽن تي وزارت پهريان اچو ۽ پهريان حاصل ڪريو، جي بنياد تي درخواستون گهرايون آهن. خواهشمند ماڻهو جيڪي پهرين درخواست ڏيڻ کان رهجي ويا هئا، اهي هاڻي ان اسڪيم مان فائدو کڻي سگهندا. پن?? هزار جو انگ مڪمل ٿيڻ تي درخواستن جي وصولي روڪي ويندي. ترجمان موجب سموريون ن??مزد بينڪون روزانو جي بنياد تي درخواستن کي پورٽل تي فوري اپلوڊ ڪرڻ جون پابند هونديون. نوان درخواست ڏيندڙ پهريان ٻن قسطن جي مد ۾ ڇهه لک روپيا جمع ڪرائيندا. قرباني يا ڌار ڪمري جو خرچ واڌو هوندو.
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری