اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر سان تازي ملاقات کي انتهائي لاڀائتو قرار ڏيندي چيو آهي ته گڏيل عرب امارات پاڪستان پاران 2 ارب آمريڪي ڊالرز جي ادائيگي جيڪا هن سال جنوري ۾ واجب الادا هئي، کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو اسان جي معيشت لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم تازو ئي رحيم يار خان ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر م??مد بن زيد النهيان سان ٿيندڙ پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته گڏيل عربا مارات پاڪستان پاران 2 ارب آمريڪي ڊالرز جي ادائيگي جيڪا هن سال جنوري ۾ واجب الادا هئي، کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو اسان جي معيشت جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي. هن ??يو ته يو اي اي جي صدر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي ڀائراڻي تاريخي لاڳاپن کي انتهائي اهم قرار ڏنو. ڪابينا روينيو ڊو??زن جي سفارش تي فيڊرل بورڊ آف روينيو جي انفراسٽرڪچر کي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) 2016ع تحت ڪريٽيڪل انفراسٽرڪچر قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان قدم جو مقصد فيڊرل بورڊ آف روينيو جي انتهائي حساس ڊيٽا کي سائبر حملن جهڙوڪ بئنڪنگ ۽ ڪنهن به غيرقانوني ??دا??لت کان بچائڻ آهي، ان قدم سان ايف بي آر جي حساس ڊيٽا وڌيڪ محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي ڪابينا هوابازي ڊو??زن جي سفارش تي عالمي ايئرلائينز فلائي دبئي جي لاهور ۽ اسلام آباد کان دبئي ۽ دبئي کان لاهور ۽ اسلام آباد اڏامن جي هفتيوار فريڪوئينسيز جي عارضي اجازت نامي ۾ 4 جنوري 2025ع کان 3 فيبروري 2025ع تائين توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي سامونڊي معاملن واري وزارت پاران 11 وفاقي وزارتن/ ڊو??زنز جي گوادر بندرگاهه تان مارچ 2024ع کان هيستائين جي دوران پبلڪ سيڪٽر درآ??دا?? ۽ برآ??دا?? تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورين لاڳاپيل وزارتن جي رپورٽس کي بريفنگ جو حصو بڻائي هڪ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته درآ??دا?? ۽ برآ??دا?? ۾ ڪنهن به قسم جي فرق کانسواءِ پبلڪ سيڪٽر جي سموري درآ??دا?? ۽ برآ??دا?? جو 60 سيڪڙو حصو گوادر بندرگاهه تان ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشنز واري وزارت پاران وفاقي وزارتن ۽ ڊو??زنز ۾ اي – آفيس لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پهريون ڀيرو حڪومت پاران اي – آفيس کي ان وڏي پئماني تي لاڳو ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پهرين جنوري 2025ع کان سمورين وفاقي وزارتن ۽ ڊو??زن جي وچ ۾ رابطي جي لاءِ ڪاغذ جو استعمال ختم ڪيو ويو ۽ سموري فائيلز موومينٽ ۽ ٻي لکپڙهه لاءِ رڳو اي – آفيس استعمال ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 21 وزارتن/ ڊو??زن ۾ اي – آفيس سئو سيڪڙو لاڳو ڪئي وئي آهي، اي – آفيس لاڳو ڪرڻ سان نه رڳو وقت جي بچت ٿيندي پر اسٽيشنري ۽ پيٽرول جي مد ۾ قومي خزاني کي فائدو پڻ پهچندو، اي – آفيس لاڳو ڪرڻ سان وزيراعظم آفيس ۾ سمري جي پراسيسنگ جو وقت هاڻي وڌ کان وڌ رڳو ٽن ڏينهن تائين ٿي چڪو آهي. وفاقي ڪابينا، ڪابينا ڊو??زن جي سفارش تي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي لاءِ ري فربشڊ ڪروم بڪس جي خريداري/ حاصل ڪرڻ کي پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس جي سيڪشن 21 اي تحت ڇوٽ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ڪروم بڪس جي خريداري جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ لازمي ڪرائي وڃي. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ ۽ شينڊونگ روئي گروپ چائنا جي وچ ۾ ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪرڻ جي حوالي سان تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي ڊپلوميٽڪ اڪيڊمي، جمهوريه سربيا جي پرڏيهي وزارت ۽ سروس اڪيڊمي، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي پرائيويٽ حج آپريٽرز ڪورٽ ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون ويون. ڪميٽي سفارش ڪئي ته حج 2025ع جا انتظام موجوده 46 منتظمين ڪندا. ڪميٽي وڌيڪ سفارش ڪئي آهي ته ايندڙ سالن جي لاءِ نئين حج پاليسي ٺاهي وڃي. وفاقي ڪابينا ڄاڻايل ڪميٽي جون سفارشون منظور ڪري ورتيون. ڪابينا هدايت ڪئي ته پرائيويٽ حج آپريٽرز جي حوالي سان سمورن ڪورٽ ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي حوالي سان قدم کنيا وڃن. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 31 ڊسمبر 2024ع ۽ پهرين جنوري 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي انفراسٽرڪچر کي ڪريٽيڪل انفراسٽرڪچر قرار ڏيڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم