اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) بيلا??وس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري پنهنجي وطن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلا??وس جي صدر کي الوداع ڪيو. دوري دوران ڪيترين ئي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون جن سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو. بيلا??وس جي صدر سان گڏ بيلا??وس جون اهم ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو جنهن پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سان ڪامياب ۽ لاڀائتيُون ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم بيلا??وس جي صدر کي سندس ٽن ڏينهن جي دوري جو فوٽو البم پڻ پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں