اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اڄ اسانکي موسمياتي تبديلين جهڙن اڀرندڙ چئلي??جز درپيش آهن، موجوده دور جي چئلي??جز کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن. اسلام آباد ۾ ڏهين نيشنل پارلياماني ڊولپمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ سان گڏ پارليامينٽ ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو اهم ڪردار هوندو آهي. ان قسم جي ڪورسز سان آفيسرن ۽ اهلڪارن جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪورس مان پبلڪ پاليسي ۽ قانون سازي جي به بهتر آگاهي ملي ٿي. اميد آهي ته ڪورس ۾ ??ري?? آفيسر پنهنجو وق?? بهترين انداز سان وقف ڪندا. نيشنل پارلياماني ڊولپمينٽ ڪورس ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ، چئني صوبائي اسيمبلين، آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي ج?? گريڊ-17 جا آفيسر ??ري?? ٿيا.
موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔