اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بند?? جي پنهنجي ذميواري نڀائي، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ آزاد فسلطيني رياست جو قيام ضروري آهي، پاڪستان خط?? جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. اربع ڏينهن شنگهائي تعاون ??نظ??م جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23 هين اجلاس جي پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪندي وزيراعظم ايس سي او اڳواڻن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان موقعي تي اسان غزه ۾ هاڻوڪي جاري نسل ڪشي کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون. عالمي برادري کي بربريت روڪڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. غزه ۾ جارحيت هڪ الميو آهي، اتي فوري ۽ غير مشروط جنگ بند?? جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ آزاد فلسطيني رياست جو قيام اڻٽ?? آهي جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي بنياد تي هجن ۽ جنهن جي گادي وارو هنڌ القدس الشريف هجي. وزيراعظم چيو ته ڪائونسل جو 23 هون اجلاس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو آهي جنهن ۾ ميمبر ملڪن پنهنجي ايندڙ نسلن جي بهتر ۽ پائيدار مستقبل لاءِ گڏيل عزم کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايس سي او جي هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان طرفان مڪمل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان کي پنهنجي گڏيل لاڳاپن کي سياسي اختلافن ۽ ويڇي کي هڪ پاسي رکندي گڏيل چئلينجن کي حل ڪرڻ ۽ هڪٻئ?? جي هٿ ۾ هٿ ڏئي پنهنجي عوام جي گڏيل مفاد، ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي وزيراعظم روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن کي ڪائونسل جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان طرفان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرايون ٿا . وزيراعظم شنگهائي تعاون ??نظ??م جو اجلاس ڪاميابي سان منعقد ڪرائڻ تي انتظاميه کي مبارڪون ڏنيون.
عالمي برادري غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جون پنهنجون ذميواريون نڀائي، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ آزاد فلسطيني رياست جو قيام ضروري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena