اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ پروگ??ام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جو انگ وڌايو وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام جي چيئرپرسن روبينه خالد پا??ان ايوان صدر ۾ ڏنل بريفنگ دوران ڪيو. هن بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام جي گوادر ۾ آفيس قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ پروگ??ام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جو انگ وڌايو وڃي. صدر بئنڪن پا??ان بينظير ڪارڊ هولڊرز کان 0.45 سيڪڙو سروس چارجز ڪٽوتي جو نوٽيس ورتو ۽ چيو ته سروس چارجز ختم ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سان رابطو ڪيو وڃي. هن چيو ته بئنڪن کي انڪم سپورٽ پروگ??ام جي مستحقين جا اڪائونٽ کولڻ جو چيو وڃي، ادائيگي جي جديد نظام سان پروگ??ام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن کي استحصال کان بچائي سگهبو. صدر وڌ کان وڌ مستحق شاگردن کي وظيفن جي فراهمي جي لاءِ ڊونرز ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي شموليت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صدر کي بينظير ڪفالت، تعليمي وظيفن، انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس ۽ واڌويجهه پروگ??ام بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ کيس ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته هلندڙ مالي سال دوران انڪم سپورٽ پروگ??ام جي لاءِ 598.718 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بينظير ڪفالت پروگ??ام فليگ شپ پروگ??ام آهي جڏهن ته ڪفالت پروگ??ام تحت سڄي پاڪستان ۾ اهل عورتن ۽ کدڙن فقيرن کي غيرمشروط روڪ رقم فراهم ڪئي پئي وڃي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بينظير ڪفالت پروگ??ام جي لاءِ مالي سال 25 – 2024ع دوران 93 لک اهل خاندانن جي لاءِ 461 ارب رپيا جڏهن ته اسڪولن ۾ داخلا وڌائڻ، گهٽ آمدني وارن خاندانن جي ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ 77.18 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته بينظير تعليمي وظيفا پروگ??ام مان 97 لک ٻار فائدو کڻي سگهندا، ان سان گڏوگڏ انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس پروگ??ام تحت 10 هزار شاگردن کي وظيفن جي فراهمي جي لاءِ 1.7 ارب رپيا رکيا ويا. صدر کي بريفنگ ۾ ان ڳالهه کان پڻ آگاهه ڪيو ويو ته غذائيت جي کوٽ ۽ واڌويجهه جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 20 لک حاملا آ۽ کير پياريندڙ عورتن ۽ انهن جي کير پياڪ ٻارن کي خصوصي خوراڪ پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته 2022ع ۾ ٻوڏ دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام سڄي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر 27 لک خاندانن ۾ 70 ارب رپيا ورهايا. صدر معاشري جي مستحق ۽ پٺتي پيل طبقي کي مالي ريليف فراهم ڪرڻ تي بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام کي ساراهيو.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري کي وڌيڪ وڌايو وڃي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس