اسلام آباد – 17 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان بنون ڪنٽونمينٽ دهشتگرد حملي تي افغان ڊپٽي هيڊ آ?? مشن کي طلب ڪري افغانستان سان شدي?? احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، دهشتگرد حملي ۾ افغانستان ۾ موجود حافظ گل بهادر گروپ ملوث آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ ترجم??ن چيو ته اسلام آباد ۾ افغانستان جي سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آ?? مشن کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري کيس 15 جولاءِ 2024ع تي بنون ڪنٽونمينٽ تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي تي پاڪستان پاران احتجاجي خط ڏنو ويو. حملي ۾ 8 سيڪيورٽي اهلڪارن شهادت ماڻي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. اهو دهشتگرد حملو افغانستان ۾ موجود حافظ گل بهادر گروپ پاران ڪيو ويو. حافظ گل بهادر گروپ تحريڪ طالبان پاڪستان سان گڏ??ي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ سوين شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي موت جو ذميوار آهي. احتجاجي خط ۾ چيو ويو آهي ته عبوري افغان حڪومت بنون حملي جي جاچ ڪري ۽ ان ۾ ملوث شرپسندن جي خلاف موثر ڪارروائي ڪري ۽ افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ حملن جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻي. پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي موجودگي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان پاڪستان جي سلامتي کي شديد خطرا درپيش آهن. ترجم??ن چيو ته اهڙي قسم جي واقعن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپا پڻ متاثر ٿين ٿا. ترجم??ن چيو ته بنون ڪنٽونمينٽ حملو هن خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ دهشتگردي جي سنجيده خطرن جي ياد ڏياري ٿو. ترجم??ن چيو ته پاڪستان دهشتگردن جي خلاف مناسب قدمن جو مطالبو ڪندي پاڪستان جي سلامتي جي خلاف سمورن خطرن کي منهن ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.
پاڪستان پاران بنون ڪنٽونمينٽ دهشتگرد حملي تي افغانستان سان شديد احتجاج
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ