تله گنگ / راولپنڊي – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ فوج جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، پوري ملڪ قوم ملڪ مان ??هشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي، شهيدن جا گهرڀاتي پوري قوم جي لاءِ قابل فخر آهن، قوم شهيدن جي قربانين کي س??ائين ياد رکندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار مير علي اتر وزيرستان م دهشتگردن سان ??هادري س??ن مقابلو ڪندي شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد احمد بدر شهيد جي گهر ٽمن (تله گنگ) اچڻ جي موقعي تي شهيد جي والدين ۽ گهرڀاتين سان ??عزيت جو اظهار ڪندي ڪيو. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم شهيد جي والد کي گلي لڳايو ۽ انهن جي همت، حوصلي، جذبي ۽ استقامت کي س??راهيو. شهيدن جي والدين ۽ گهرڀاتين سان ??عزيت جو اظهار ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڻ کي روئڻهارڪو ٿي ويو. وزيراعظم شهباز شريف ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ان ??ي والدين ۽ گهرڀاتين کي آٿت ڏني. وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي ش??يد?? ڪيپٽن احمد بدر شهيد ۽ ٻين شهيدن جرئت ۽ بهادري س??ن قوم جو ڳاٽ فخر سان ??ونچو ڪري ڇڏيو آهي، شهيدن بهادري ۽ جرئت سان ??هشتگردن جو مقابلو ڪيو، دهشتگردن کي جهنم رسيد ڪيو ۽ پاڻ ??هادت جو رتبو ماڻيو، ڪيپٽن احمد بدر شهيد ۽ ٻيا شهيد قوم جي دعائن جا مستحق آهن، پوري قوم انهن جي قربانين کي س??ائين ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، مون سميت پوري قوم ملڪ جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته شهيدن جا گهرڀاتي پوري قوم جي لاءِ قابل فخر آهن، پوري قوم ملڪ مان ??هشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي والد ڪرنل (ر) قاضِ بدرالدين جي حوصلي ۽ الله جي رضا تي سندس سگهه ۽ حوصلي کي بي مثال قرار ڏنو. هن چيو ته شهيدن جي گهرڀاتين جو حوصلو ڏسي سڀني کي جرئت ۽ حوصلو مليو آهي، چوڻ تمام آسان ??هي پر ڪرڻ تمام مشڪل هوندو آهي، انهن جي سگهه ۽ صبر ڏسي تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان. ان موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي والد چيو ته مون کي پنهنجي پٽ جي شهادت تي فخر آهي، پنهنجي پٽ جي شهادت سان مون کي نئون حوصلو مليو آهي، منهنجي پٽ پاڻ ??ه شهادت جو رتبو ماڻيو پر ماڻهن جون جانيون بچايون ۽ دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو، مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هاڻي آئون پنهنجي پٽ جي نالي سان ??ڃاتو ويندس. هن چيو ته ملڪ آهي ته سڀ ڪجهه آهي، منهنجو پٽ الله جي امانت هو جيڪا هن واپس ورتي، پنهنجي پٽ جي جدائي جو افسوس ضرور آهي پر ان ??ي شهادت تي فخر آهي، منهنجي پٽ منهنجو ڳاٽ فخر سان ??ونچو ڪري ڇڏيو آهي. شهيد جي والد وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته سندس پٽ جي نالي تي اسڪول تعمير ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم سندس خواهش تي عمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ان کان ??ڳ وزيراعظم شهباز شريف مير علي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان ??هادري س??ن مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي شهيد جي گهر چڪلالا ويو. وزيراعظم شهباز شريف ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي شهيد جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان ??عزيت جو اظهار ڪيو.
پاڪ فوج جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، پوري ملڪ قوم ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن