اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪ??يت سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 10 ارب ڊالر ماليت جي 7 مع??هدن تي جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڌرين جي ٺوس ڪوششن تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ ڪويت جي سفير ناصر عبدالرحمان جاسر المطيري ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي تاريخي ۽ گهرن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح سميت ڪويتي قيادت جا سندس ٻيهر چونڊجڻ تي نيڪ خواهشن ۽ مبارڪباد تي ٿورا مڃيا. هن واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ڪويت جي امير کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم اطمينان ظاهر ڪندي چيو ته نومبر 2023ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 10 ارب ڊالر ماليت جي 7 مع??هدن تي صحيحون ڪيون ويون جن ۾ غذائي تحفظ، ٽيڪنالاجي، هائيڊل پاور، کاڻين جي کوٽائي ۽ مع??نيات، پاڻي جي فراهمي ۽ مينگرو جي بحالي سميت اسرندڙ شعبن بابت ??هن. هن مع??هدن تي جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن کان ٺوس ڪوششن تي زور ڏنو. ان ڏس ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ڪردار تي زور ڏ??و جيڪا پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ موثر طريقيڪار فراهم ڪري ٿي. ڪويتي سفير مشڪل وقت ۾ ڪويت جي حما??ت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. سفير 91 – 1990ع جي بحران دوران ڪويت جي آزادي ۽ خودمختياري جي لاءِ ڀرپور عوامي حما??ت تي اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جا ٿورا مڃيا. هن ڪورونا وبائي مرض دوران ڪويت جا پاڪستان جي حما??ت تي پڻ ٿورا مڃيا. سفير پاڪستان سان ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪويت جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو.
وزيراعظم پاران ڪويت سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری